بيت (سٽا اوسر)

بيت (سٽا اوسر) (ڪتاب ): هيءُ ڊيمي سائيز جي 592 صفحن تي مشتمل ڪتاب، مشهور اديب ۽ محقق، ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن بيت جي سٽا ۽ اوسر تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي. پهرئين باب ۾ ڇند وديا بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ٻئي باب ۾ بيت جي سٽا ۽ اوسر ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ڳاهه، گنان، بيت، ڏوهيڙي، مسلسل دوهي، ڪبت، سلوڪ، ڏهرن ۽ نڙ بيتن جو بيان ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ لوڪ شاعريءَ ۾ بيت جي استعمال تي روشني وڌي وئي آهي، جنهن ۾ لولين، ٽيهه اکرين، هفتن، مناظرن، سينگار بيت، ڏهس، ڏور، هنر، ڳجهارت، واقعاتي بيتن وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ بيت جي تاريخي ارتقا بيان ڪئي وئي، جنهن ۾ قديم دور ۾ عرب دور، سومرا دور، سما دور، ارغون، ترخان ۽ مغل دور، ڪلهوڙا دور، ٽالپر دور، انگريز دور تائين بيت جو دور وار جائزو ورتو ويو آهي. پنجين باب ۾ سنڌ کان ٻاهر لسٻيلي، ڪڇ، جيسلمير، بهاولپور وغيره علائقن ۾ سنڌي بيت جي سرچاءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڇهين دور ۾ موجوده دور جي بيت ۽ ان جي ارتقا جو بيان ڪيو ويو آهي. هن تحقيقي ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي، ۽ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جنوري 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
سنڌي بيت ۽ ان جي ارتقا تي، نامور اديب حبيب الله مولابخش ڀٽي به هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو حبيب پبليڪيشن شڪارپور 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو